تڪراري ٽويٽ ڪيس: اعظم سواتي جي ضمانت منظور

0
359

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽويٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جَي گرفتار سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪري ورتي، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي

عدالت پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي کي  2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي

اعظم سواتي جي پٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف بي اعتمادي جي اظهار وارو خط واپس وٺي ڇڏيو

 اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران عثمان سواتي چيو ته منهنجي والد هڪ خط لکيو هو، عدالت جي اجازت سان خط پڙهڻ چاهيان ٿو

 چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته خط عدالت جي آڏو موجود آهي، هن معاملي کي هميشه لاءِ طئي ڪرڻ چاهيون ٿا، ان تي لارجر بينچ جوڙينداسين

 اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته مون درخواست ڪئي آهي ته اهو خط واپس ورتو وڃي، اعظم سواتي جي پٽ خط واپس وٺي ڇڏيو

هي به پڙهندا

اعظم سواتي جي پٽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي عدم اعتماد وارو خط واپس وٺي ڇڏيو