نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد انڊس ھاءِ وي لڳ مقامي ھال ۾ ڪوٺايل ھڪ ڏينھن سوشلسٽ اسڪول ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو، اي ڊبليو پي سنڌ جي تعليمي سيڪريٽري ڪامريڊ جاويد راڄپر، ڪامريڊ لطيف لغاري سميت مختلف ڳوٺن ۽ شھرن جي ماڻھن توڙي ناري جمھوري محاذ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سوشلسٽ اسڪول جي شروعات مزدورن جي عالمي تراني سان ڪئي وئي، جنھن بعد ناري جمھوري محاذ اڳواڻ ڪامريڊ فوزيه ٻوڏ جي صورتحال تي گيت ٻڌايو.ڪامريڊ يوسف مستي خان جي ياد ۾ ڪوٺايل اسڪول ۾ ڪامريڊ حفيظ بلوچ، ڪامريڊ يوسف جي زندگي، جدوجھد تي ڳالهه ٻولهه رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، اسڪول جو پھريون سيشن ماحوليات سان منسوب ڪيو ويو، جنھن ۾ ماحولياتي بگاڙ ۽ سامونڊي پٽي جي والار تي فشر فوڪ جي فاطمه مجيد، ٻوڏ واري صورتحال ۾ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ڪردار تي ڪامريڊ ابراھيم ٻرڙو، ماحولياتي تبديلين جا ڏکڻ ايشيا ۽ سنڌ تي پوندڙ اثرن واري موضوع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه رکي. فاطمه مجيد پنھنجي موضوع تي ڳالھائيندي چيو ته اسانجي مهاڻن سمنڊ مٿان درياهه جي اهڙي ڪاهه ڏٺي آهي جو مهاڻا اڄ ڏينهن تائين سمنڊ کي درياهه سڏيندا آهن. ماحولياتي بگاڙ ۾ اسان ڏوهه ڪرڻ ۾ عالمي ملڪن ۾ 137 نمبر تي آهيون پر سزا ڀوڳڻ ۾ 7 نمبر تي آهيون. ڪامريڊ ابراھيم ٻرڙو چيو ته 2010 جي مها ٻوڏ کان بعد 2022 جي ٻوڏ تائين رياست ڪا به ٻوڏ بچاءَ لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي ڪونه جوڙي. وري تازي ٻوڏ دوران به ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ يا پاڻي کي نيڪال جا رستا ڏيڻ ۾ به ڪي حڪومتي ادارا سرگرم نظر ڪونه آيا. اسان پنهنجي ماڻهن ۽ چوپائي مال کي پاڻ ڪڍندا رهياسين. ٻوڏ جا اثر اڃا جاري آهن پر متاثرين جي سهائتا ڪم به پنهنجا نواز پاليسي تحت هلي پيو ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. هاڻ به، ايڏي وڏي دربدري، تباهي کان بعد مستقبل ۾ رياست ۽ حڪومتي ادارن جي ڪا به سنجيدگي نظر ڪونه ٿي اچي.ڪامريڊ بخشل پنھنجي موضوع تي ڳالھائيندي چيو ته رياست جي ناڪامين ته ٻوڙيو آهي پر ماضي جي ڀيٽ ۾ مِينهن سراسري طور 700 سيڪڙو وڌيڪ وسيو آهي. سو اهو عالمي ماحولياتي مسئلو پڻ آهي. جنهن تي مزاحمت ڪرڻ، آواز بلند ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير جي گنجائش ڪونهي.پھرين سيشن جي پڄاڻي کانپوءِ ڪامريڊ زاھد گٽار تي ڳايو، جنھن بعد ٻئين سيشن جي شروعات ڪئي وئي، جيڪو نظرياتي سياست سان منسوب ڪيو ويو. ٻئين سيشن ۾ مارڪسزم ۽ ان جي نسبتيت تي ڊاڪٽر جعفر احمد، عوامي سياست جون گھرجون تي سراج سيال، ۽ ڊجيٽل دنيا جو مارڪسي جائزو تي ڪامريڊ جاويد راڄپر تفصيلي ڳالهه ٻولهه رکي.  ٻئين سيشن جي پڄاڻي کانپوءِ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ ناري جمھوري محاذ نصيرآباد پاران ٻوڏ واري صورتحال ۽ حڪمرانن جي بيحسي تي ٽيبلو پيش ڪيو. پروگرام ۾ ليکڪ جاويد راڄپر جي ڪتاب ” سياست جو مهورت پڻ ڪيو ويو، جنھن بعد نامياري راڳي وقار ملاح انقلابي گيت ڳائي شرڪت ڪندڙن کي جھومائي ڇڏيو. اھڙي طرح ڇھون سوشلسٽ اسڪول انقلابي گيتن ۽ نعرن جي گونج سان پڄاڻي تي پھتو.