شهباز گل کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

0
240
شهباز گل کي گرفتار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس کي پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي گرفتاريءَ کان روڪي ڇڏيو

 شهباز گل جي وڪيلن ٻڌڻي دوران چيو ته قومي ادارن خلاف تڪراري بيان ڏيڻ جي الزام هيٺ سنڌ ۾ شهباز گل خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن

وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيسز کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين پوليس کي شهباز گل جي گرفتاري کان روڪيو وڃي

شهباز گل پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن جي خلاف لاهور کانپوءِ ڪراچي جي ٽن ٿاڻن تي به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هڪ واقعي جو هڪ ئي ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري ڪراچي ۾ داخل ڪرايل ڪيسز کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

 عدالت درخواست منظور ڪندي سنڌ پوليس کي شهباز گل جي گرفتاريءَ کان روڪي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

تڪراري ٽويٽ ڪيس: اعظم سواتي جي ضمانت منظور