اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪندي چيو آهي ته هڪ عالمي اداري جي رپورٽ موجب سوات ۾ جن جي حملي کانپوءِ نياڻين جو اسڪول 5 سالن تائين بند رهيو، اسان انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اهو ڪنهن جي اجازت سان ٿي رهيو آهي؟ دهشتگردن سان ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن؟ قرآن ۾ به عورت جي احترام جو حڪم ڏنو ويو آهي،  اسلام آباد ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري عالمي عدالتي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ خطاب ڪندي چيو ته عالمي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پاڻ به ڪجهه ڪرڻو پوندو، دنيا ڏانهن واجهائڻ بدران پاڻ عملي قدم کڻڻا پوندا، غريب ته پنهنجو حصو ڏئي رهيا آهن اهي پنڌ گهمن ٿا، غريب ماڻهو سائيڪل تي سفر ڪندو آهي،هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته ججز، بيوروڪريٽس، فوجي آفيسرن کي ڪارون ڏيڻ بند ڪيون وڃن، ساڳيا پئسا سائيڪل ۽ پنڌ هلڻ وارن رستن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ  تي خرچ ڪيا وڃن، اولهه چئي ٿو ته پنڌ گهمو يا سائيڪل ڪاهيو ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪيو. سوالن جوابن جي سيشن ۾ سوال ڪيو ويو ته جي ايچ ڪيو ۾ آئيني ۽ عالمي ايشوز بابت ريسرچ اينڊ ليگل لا ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪيو ويو آهي، عدليه ان سان ڪوآرڊينيشن ڇو نه پئي ڪري؟جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مون کي اهو معلوم ناهي ته فوج کي اها ذميواري ڏني وئي آهي، جيڪڏهن اهي ايئن چاهين ٿا ته پوءِ آئون فوج کي اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان ته ٽينڪ ۽ آرٽلري مشينري ڪيئن هلائي ويندي آهي، جيڪڏهن هو چاهين ٿا ته آئين ۽ بين الاقوامي قانون جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ٿا ته پوءِ اسان مان ڪنهن کي به دعوت ڏئي گهرائي سگهن ٿا. جسٽس اعجاز الاحسن خطاب ڪندي چيو ته عدالت معاشي معاملن ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي رڪارڊ نٿي بڻجي سگهجي، تڪرارن جي حل لاءِ متبادل نظام لاءِ قانونسازي ضروري آهي، متبادل نظام سان ڪاروباري تڪرار عدالت جي ڀيٽ ۾ جلد حل ٿي سگهندا، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ٽياڪڙي ذريعي تڪرار حل ڪرڻ جو قانون بڻجي چڪو آهي، عوام کي عدالتن ۾ اچڻ بدران ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ واري نظام سان رابطو ڪرڻ گهرجي، غيرضروري ڪيسن سبب عدالتن مٿان ڪيسن جو بار وڌي رهيو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال خطاب ڪندي چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ تڪرارن جي حل جي متبادل نظام کي هٿي ڏيڻ، ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سي کان وڌ ۾ وڌ فائدو کڻڻ جهڙيون ڪارائتيون تجويزون سامهون آيون، سپريم ڪورٽ وڊيو لنڪ ذريعي هزارين ڪيسن جو فيصلو ڪيو، ڪيسن تي خرچ به گهٽيو آهي، چيف جسٽس چيو ته پوليس ۽ پراسيڪيوشن جي تربيت جي ضرورت آهي، ان سان ڪيس اڪلائڻ ۾ تيزي ايندي، چيف جسٽس چيو ته عدالت محروم طبقي جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي سگهجي ٿي، خوشحال پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته عدليه تائين سڀني جي برابر پهچ هجي، چيف جسٽس چيو ته حڪومت ۽ عدليه کي اي ڊي آر طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، نظام انصاف جي بهتري لاءِ عدليه ۽ بار کي به پنهنجو قانوني علم بهتر ڪرڻو پوندو، چيف جسٽس چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو50سيڪڙو آهن، جن کي فيصلاسازي ۾ شامل ڪرڻو پوندو، عورتن کي سمورن شعبن ۾ وڏو رول ڏيڻ جي ضرورت آهي بار ۽ عدليه ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پوري دنيا جي نظام جو بنياد ميرٽ تي آهي، آبادي ۾ اضافو، موسمياتي تبديلي سميت مسئلن جو حل ضروري آهي، چيف جسٽس چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ اسلام جي روح موجب مسئلا حل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، اسان کي پنهنجي وساريل روايتن کي ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ترقي يافته پاڪستان لاءِ قانون جي حڪمران ئي حل آهي.