ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي مبينا آڊيو ڪال سامهون اچي وئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، آڊيو ٽيپ ۾ هڪ شخص مبينا طور شهباز شريف کي ٻڌائي ٿو ته مريم نواز پنهنجَي ناٺِي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ گهرائڻ جو چئِي رهِي آهي، شهباز شريف جواب ۾ چوي ٿو ته اُهو اسان جو ناٺي آهي، اوهان انهن جا اشوز ٻڌائي ڇڏيو، ڀارت مان اڌ پلانٽ اچي چڪو آهي، شهباز شريف چوي ٿو ته آئون مڃان ٿو ته اشو ڳچي ۾ پئجي ويندو، اوهان انهن سان ڳالهايو، آئون ترڪي مان واپس اچي انهن کي گهرائي سمجهائيندس، ٻيو شخص چوي ٿو ته اِهو ڪم اسحاق ڊار کان ڪرايو، شهباز شريف چوي ٿو ته ٺيڪ آهي، ائين ئي ڪري وٺو. ذريعي موجب شهباز شريف آڊيو ٽيپ ۾ حڪومتي عملدار سان ڳالهائي رهيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته مريم صاحبه ڪالهه هڪ ڪم چيو هو، جنهن لاءِ چيٽ به ٿي هئي، هن ناٺي راحيل لاءِ ڪم چيو هو، اهو نه ڪريو ان سان نقصان ٿيندو، شهباز شريف چوي ٿو ته منهنجي ڳالهه ٻڌو هر شيءِ جو هڪ طريقو آهي رات اسان جي ڳالهه ٿي هئي. آفيسر ٻڌائي ٿو ته اتفاق پارڪ وارو ڪم ڪرائي رهيا آهيون، جنهن تي شهباز شريف پڇي ٿو ته اتفاق پارڪ ۾ ڇا آهي؟ آفيسر ورندي ڏئي ٿو ته ڪا هائوسنگ سوسائٽي ٺاهي رهيا آهن جنهن لاءِ پنهنجي گرڊ اسٽيشن ٺاهڻي آهي، شهباز چيو ته اهو ڪم نيشنل وي ۾ ڪري وٺنداسين.