لنڊن (م ڊ) نواز ليگ قائد نوازشريف ۽ شهبازشريف ۾ ملاقات: عمران جو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ روڪڻ ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي وزير بڻائڻ جو فيصلو، اسحاق ڊار ايندڙ هفتي واطن واپس اچي ناڻي وزير طور حلف کڻندو. وزيراعظم شهبازشريف گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت بعد لنڊن پهچي ويو، نواز ليگ قائد ميان نوازشريف سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، ذريعن موجب اهم ترين ملاقات ۾ نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار شرڪت ڪئي، جتي اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنهنجي ملڪ واپسي واري منصوبي بابت وزيراعظم کي پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ کي پيش مسئلن، معاشي چيلينجز سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران نوازشريف ۽ وزيراعظم شهبازشريف نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار کي پاڪستان جو ناڻي وزير بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، اسحاق ڊار ايندڙ هفتي سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻڻ کانپوءِ ناڻي وزير طور حلف کڻندو، جڏهن ته موجوده ناڻي وزير مفتاح اسماعيل حڪومت جي معاشي ٽيم جو حصو رهندو، ذريعن موجب ملاقات دوران عمران خان جي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ کي هر صورت ۾ روڪڻ جو ڪيو ويو، پنجاب حڪومت جي خاتمي قدمن ۽ چونڊون ايندڙ سال ڪرائڻ تي به مشاورت ڪئي وئي. ان ملاقات جي حوالي سان اسحق ڊار ٻڌايو ته نواز ليگ قائد نوازشريف ۽ وزيراعظم نوازشريف جي لنڊن ۾ اهم ملاقات ٿي، جيڪا ڪيترائي ڪلاڪن تائين جاري رهي، اسحاق ڊار چيو ته اڄ نوازشريف ۽ شهبازشريف جي ٻيهر ملاقات ٿيندي، ڪالهه فيملي جي گڏجاڻي هئي، هن چيو ته اربع تي واپسي جي بڪنگ آهي پر حتمي فيصلو اڄ ٿيندو، وزيراعظم شهبازشريف سان گڏ وطن واپس اچڻو آهي يا نه؟ ان بابت به فيصلو اڄ ٿيندو.

نيويارڪ (م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا لاهڻ چاڙهڻ جو شڪار آهن، عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانن سان ٻه طرفن لاڳاپن کي نقصان پهتو، عمران خان جي سوچ عام پاڪستاني جي سوچ ناهي، گذريل حڪومت جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو پاڪستان جي مفادن لاءِ نقصان ڪار آهي، اسانجي حڪومت آمريڪا سان مضبوط لاڳاپن جي خواهشمند اهي، آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شهبازشريف چيو ته ڀارت پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان پرامن پاڙيسري طور رهن چاهي ٿو، دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن لاڳاپا چاهي ٿو، تنهن ڪري ڀارت کي 2019ع کانپوءِ کنيل قدم تبديل ڪرڻا پوندا، ڪشمير مسئلي جو حل پرامن لاڳاپن طرف اهم رستو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊز جي ضروت آهي، عالمي برادري اسانجي مدد ڪري جيئن ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪري سگهجي، يو اين سيڪريٽري جنرل ڊونرز ڪانفرنس جلد گهرائڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي، شهباز شريف چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏ کي منهن ڏنو، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا آهن. روس، يوڪرين جنگ سبب دنيا ۾ تيل ۽ اَن جو بحران ٿيو، جڏهن ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي لکين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي سگهي ٿي.وزيراعظم جو چوڻ هو ته عالمي برادري اسان جي مدد ڪري ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي بحالي يقيني بڻائي سگهون، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته طالبان کي عورتن جي حقن جي پاسداري يقيني بڻائڻي پوندي، افغانستان جا منجمد اثاثن کي فوري طور بحال ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ پرامن حالتون پاڪستان ۾ به امن جون ضمان آهن، عورتن کي تعليم ۽ ملازمت جا برابر موقعا ملڻ گهرجن.