اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نجڪاري جي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت توانائي شعبي جي ادارن جي نجڪاري لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي بجلي بابت خصوصي معاون تابش گوهر، نجڪاري جي وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينجمينٽ ڪمپني، ننديپور، گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري جي حوالي سان پيش رفت جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پاڪستان پيٽروليم ۽ ماڙي گيس ڪمپني جي شيئرز جي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان به غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ توانائي شعبي جي ادارن جي نجڪاري جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ بين الوزارتي ڪاميٽي قائم ڪرڻ ڄو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي نجڪاري جي وزير محمد ميان سومرو چيو ته توانائي جي ادارن جي ڪامياب نجڪاري لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سرمائيڪارن کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته نندي پور پاور پلانٽ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني جي نجڪاري جو عمل حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، ٻئي طرف نجڪاري جي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي منصوبي بابت هفتيوار جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن دوران نجڪاري جي وزير محمد ميان سومرو هدايت ڪئي ته اسٽيل ملز جي مسئلن جي حل لاءِ تيزي سان پيش رفت کي يقيني بڻايو وڃي، اسٽيل ملز جي بحالي حڪومت جي وڏي ڪاميابي هوندي.