تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ٿاڻو، هاءِ اسڪول، ريلوي لائين مارڪيٽ، مدرسو محلا ، ملڪ محلا، جروار پاڙو، شيخ پاڙي ۾3 هفتن کان پاڻي بيٺل هئڻ ڪري مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، گيسٽرو، مليريا سميت وبائي بيمارين سبب 15 کان وڌيڪ معصوم ٻار فوت ٿي چڪا آهن. صحت کاتي پاران ڪو به اپاءُ نه ورتو ويو، ٽائون ڪاميٽي توڙي ضلعي انتظاميا پاڻي نيڪال مڇرمار اسپري نه ڪرائي سگهي، رهواسين گهر ڪئي ته برسات متاثرن جي اهنجن ۾ گهٽتائي آڻي رليف فراهم ڪيو وڃي.