ڏيئي (ن پ ا)   ڏيئي ڀرسان زميندارن جي ونگار نه وهڻ تان هاري کي در جي طاق سان ٻڌي تشدد ڪيو ويو. ان ڏس ۾ پيرزادي فارم جي زميدار امير بخش بروهي ۽ عرفان پنجابي تي الزام سامهون آيو آهي ته هن ونگار نه وهڻ تان پنهنجي ئي هاري پريم ڪولهي کي زمين تان کڻائي اوطاق تي رسن سان ٻڌيء چار ڪلاڪ تشدد ڪيو. هاري جي دانهن تي ڳوٺاڻن پاران اوطاق جون ڀتون ٽپي پريم ڪولهي کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ته زميدار مڇرجي هاري کي ڇڏائڻ ويل ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، ڳوٺاڻن  ڪوشش ڪري پريم ڪولهي کي مرڻينگ واري حالت ۾ آزاد ڪرائي کيس ڏيئي ٿاڻي پهچايو، جتان ڏيئي پوليس پاران زخمي هاري کي علاج لاءِ ٽنڊوباگو باگو منتقل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي تشدد هيٺ آيل هاري پريم ڪولهي ٻڌايو ته زميندار ونگار جو مسلسل ڪم وٺي رهيو هو جنهن تي مون انڪار ڪيو ته هن مون کي کنڀي تشدد جو نشانو بنايو آهي. هن چيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڏيئي ٿاڻي تي مامعلي جي اين سي داخل ڪئي آهي، خبر موڪلڻ تائين ڪا به گرفتاري عمل ناهي نه آئي هئي.