ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تازو استادن جي بدلين وسيلي 16 09 بند اسڪول کوليا ويا آهن، جلد صوبي ۾ 2247 بند اسڪول کوليا ويندا، ڪالهه تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتن جي ترقياتي اسڪيمن جي جائزي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، ان موقعي تي تعليم واري وزير چيو ته هلندڙ سال 30 جون تائين سموريون اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي صوبي ۾ 1609 بند پيل اسڪول کوليا ويا آهن، وڌيڪ 638 اسڪول ڪجهه ڏينهن ۾ کوليا ويندا.