ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات کاتي جا 3 ڊائريڪٽر بدلي ، امتياز جويو نئون ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ ٿي ويو، ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ عزيز هڪڙو کي بدلي ڪري کيس ڊائريڪٽر پريس مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر پريس جهانگير ابڙو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر سکر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊائريڪٽر سکر امتياز جويو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي.