فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

وقت گذرڻ سان گڏ جتي زندگي جي ٻين شعبن ۾ ترقي سان گڏ تبديليون آيون آهن اتي تعليم جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل ۾ پڻ انيڪ تبديليون رونما ٿيون آهن. اسان ڏٺو ته پهريان ڄاڻ جو خزانو ۽ محور هڪ استاد هوندو هو. پر هاڻي سوشل ميڊيا ان جي جڳهه وٺي چڪي آهي. اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسان جو واسطو ٻن اهم قسم جي استادن سان پئي ٿو. هڪڙا اهي استاد جن کي اسين بهترين استاد چئون ٿا ۽ ٻيا اهي جن کي اسين بيڪار استاد طور ياد ڪيون ٿا.ٻئي قسم وارن استادن کي ته اسين سٺن لفظن ۾ ياد ڪونه ٿا ڪيون پر پهرين قسم جا استاد اسان لاءِ رول ماڊل ۽ آئيڊيل جو درجو رکن ٿا. هونئن به چوندا آهن ته ٻار جو پهريون پيار به استاد ئي هوندو آهي. اسين پهرين قسم وارن استادن کي جڏهن به ياد ڪيون ٿا ته سندن ڪيل ڪم ۽ محنت جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون.هي سڀڪجهه ايئن ڇو آهي؟ ڇالاءِ اسين سٺن استادن کي ياد ڪيون ٿا؟ ڇاڪاڻ ته سندن ڪم سان سچائي، لڳن ۽ ايمانداري واري روش اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. جڏهن ته ٻئي قسم وارن استادن پڙهائيءَ دوران اسان جي ڪنهن به قسم جي مدد ڪونه ڪئي. اسان استادن جي ڪردار ۾ هي فرق ڇوٿا رکون يا کڻي ايئن چئون ته اهڙي قسم جي سوچ اسان جي ذهن ۾ ڇوٿي جنم وٺي؟
پنهنجي موضوع کي وڌيڪ سولو ڪيون ته ڪهڙو طريقو بهتر آهي اڄڪلهه جي ماحول ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو، جيڪو ٻارن کي هنن جي پڙهائيءَ جي ترقي ۾ هنن جي مدد ڪري. ڇا اسان ڪڏهن هنن سوالن جا جواب تعليمي ادب مان ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا ڪڏهن هن ڳالهه جو فڪر ڪيوسين ته مونکي پڙهائيندي ڳچ عرصو ٿي ويو آھي ۽ ايئن وقت گذرڻ سان گڏ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا طور ۽ طريقا به تبديل ٿي ويا آهن.ڪڏهن اسان پنهنجي ڪردار کي سواليه نشان بڻايو ته تعليم ۾ جديد گهرجن مطابق مان هڪ استاد جو ڪردار صحيح طور تي نڀائي رهيو آهيان؟ ڇا مون پاڻ کي نين گهرجن مطابق تيار ڪيو؟ ڇا مون پنهنجو پاڻ کان ڪڏهن هي سوال ڪيو ته هڪ استاد ٻار جي سکڻ ۾ هن جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو. ڪيئن هڪ استاد پنهنجي روايتي ڪلاس روم کي جديد گهرجن پٽاندڙ ۽ ٻار دوستاڻو (چائلڊ-فرينڊلي) بڻائي سگهي ٿو.
مطلب هي آهي ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ٻه اهڙا مشڪل مرحلا آهن جيڪي ٻين ڪيترن ئي عنصرن جي اثر هيٺ رهن ٿا. چاهي پوءِ اهي اثر ٻاهريان يا اندروني ڇونه هجن. اهي عنصر جهڙوڪ ٻار ۽ استاد جو هڪ ٻئي سان سلوڪ، رويو، قابليت، ٻار ۾ سکڻ جي سگهه ۽ استاد جو سيکارڻ وارو عمل، ٻار ۽ استاد جا عقيدا ۽ هنن جي ثقافتي سڃاڻ. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وقت هي سڀ جا سڀ اهم آهن. مزي جي ڳالهه ته هنن عنصرن تي ڪڏهن به نه ڳالهايو ويو آهي. اسان جڏهن به سبق پڙهائڻ لاءِ منصوبو ٺاهيون ٿا ته ڇا ڪڏهن اهڙن ثقافتي ڳانڍاپن کي نظر ۾ رکون ٿا. ڇا جيڪي هدايتون اسان ٻارن کي سبق پڙهائڻ لاءِ تيار ڪيون آهن ڪلاس ۾ موجود سڀني ٻارن لاءِ قابل قبول آهن. ڇا ڪڏهن هي ڪوشش ورتي سين ته ٻارن جي شموليت ۽ راءِ ڪيتري اهم ۽ ضروري آهي.اڄڪلهه جي هن تيز ۽ هل هلان واري دور ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل جي حاصل ۾ جيڪي تبديليون اسان ڏٺيون، محسوس ڪيون ۽ پرکيون آهن ۽ غور ڪيو آهي ته استاد جيڪو ماضي ۾ ڄاڻ جو مرڪز ۽ عقل ڪل ڄاتو ويندو رهيو ان جي جاءِ هاڻي سندس ئي ڪلاس روم ۾ موجود هڪ ٻار والاري چڪو آهي ۽ هاڻي ان استاد جو ڪم ڪلاس روم ۾ پڙهائڻ دوران ٻار کي سهولت پهچائڻ وارو ٿي ويو آهي. جيڪو استاد ٻارن لاءِ خوف جي علامت هو، هاڻي دوست، مددگار ۽ سهولتڪارٿي ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل کي ٻن اهم طور طريقن استاد محوري طريقو (ٽيچرسينٽرڊ) ۽ شاگرد محوري طريقو (اسٽوڊنٽ سينٽرڊ) ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اسان جي هن آرٽيڪل کي لکڻ جو مقصد به اهوئي آهي ته هن جديد خيال کي سنڌ جي انهن استادن تائين پهچائجي جيڪي مٿي بيان ڪيل پهرين قسم وارن استادن جي ٽولي ۾ اچن ٿا ۽ سنڌ جي تعليمي ماحول کي جديد گهرجن آهر هلائڻ لاءِ نه صرف پنهنجو ڏينهن رات هڪ ڪن ٿا پر پنهنجو رت، ست ۽ وت ڏئي رهيا آهن.استاد محوري طريقو: پڙهائيءَ جو هي طريقو استاد کي ڪلاس جو مالڪ، خود مختار ۽ پنهنجو ڪردار سڌو سنئون نڀائڻ وارو بڻائي ٿو. هن طريقي ۾ ڄاڻ جو ڪل مرڪز هڪ استاد ئي هجي ٿو. هن طريقي کي نتيجن ڏيڻ وارو (ڊڊڪٽو) يا تشريح (ايڪسپوزيٽري) وارو طريقو به چيو وڃي ٿو. ليڪچر ڏيڻ هن طريقي جو هڪ بهترين مثال آهي. پڙهائي جي هن طريقي ۾ استاد کي ٻارن مٿان ڪل اختيار هوندو آهي هن طريقي ۾ استاد جي مرضي هوندي آهي ته ڇا پڙهائي ۽ ڇا نه، ٻارن کي ڪهڙي سڌ ڏجي ۽ ڪهڙي نه، وقت گذرڻ سان گڏ هي طريقو بنهه پراڻو ۽ مدي خارج ٿي چڪو آهي. پر سنڌ ۾ اڃان به هلي پيو آهي.شاگرد محوري طريقو: هي طريقو جديد، وقت جي گهرج آهر ۽ ٻار جي نه صرف ذهني اوسر پر هن جي ثقافتي لاڳاپي کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي. هن طريقي کي دريافتي (ڊسڪوري)، يا تنقيدي / جهنجهوڙي (ڪرٽيڪل ٿنڪنگ) طريقو به چيو وڃي ٿو. هن طريقي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ دوران ٻار جي شموليت تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ٿو يعني جيترو ٻار پڙهڻ واري سرگرمي ۾ شامل رهندو اوترو هو چست، چالاڪ، ڄاڻو ۽ پر اعتماد ٿيندو. ٻارن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ملي جلي پڙهڻ ۽ مدد ڪرڻ هن طريقي جا مثال آهن. جڏهن توهان شاگرد محوري طريقي جو استعمال ڪيو ٿا ته حقيقت ۾ توهان ٻارن کي سيکارڻ لاءِ هڪ قسم جي ايجنڊا تيار ڪيو ٿا ۽ توهان پنهنجو اختيار به محدود کان محدود ڪيو ٿا. توهان کي هي ڳالهه به وسارڻ گهرجي ته ڄاڻ جا خزانا ۽ مرڪز به توهان ئي آهيو. تجربن ذريعي هي ثابت ٿي چڪو آهي ته هن طريقي کي اپنائڻ سان ٻار گهڻو سکي ٿو، ڪجهه شيون هو پاڻ ڪري ٿو، ڪجهه ٻين ٻارن جي مدد سان ۽ جيڪڏهن ڪٿي منجهي پئي ٿو ته استاد هن جي سهولت بڻجي پئي ٿو.توهان کي هاڻي هي فيصلو ڪرڻو آهي ته، ڪهڙي طريقي کي توهان پنهنجي اسڪول ۽ ڀرپاسي جي ماحول کي مدنظر رکندي، پنهنجي ڪلاس روم ۾ لاڳو ڪيو ٿا. توهان کي اهو هاڻي کان ئي سوچڻ گهرجي ته، توهان ٻارن کي ڪيترو سٺو ۽ سولو ماحول ڏئي سگهوٿا، ڪهڙا لاڀ آهن جيڪي توهان حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، توهان ٻارن کي ڪيتري مدد پهچائي سگهو ٿا. گذريل وقت ته واپس ڪونه ورندو پر ايندڙ وقت جو ڪيترو حصو صحيح استعمال ۾آڻي سگهو ٿا. توهان جو سبقي منصوبو اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو ٻار جي ذهني اوسر جو اندازو لڳائي ۽ هن لاءِ دلچسپي وارو ماحول پيدا ڪري. توهان ٻارن کي ڪلاس روم ۾ اهڙي سهولت پيدا ڪري ڏيو ته، جيئن ٻار پنهنجي حڪمت عملي پاڻ جوڙين ۽ توهان جي متن سان گڏ هلن. توهان اهو ضرور غورفڪر ڪيو ته توهان جو سبقي منصوبو ٻار جي گهرج مطابق آهي؟ اڄڪلهه جي هن تيز تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هڪ ٻار جي رهنمائي ڪرڻ، جيڪا هن جو نه صرف حق پر ضرورت پڻ آهي. هن کي اها آزادي ڏيو جنهن جي هو خواهش رکي ٿو.
هڪ ڳالهه جيڪا ضروري آهي ته، توهان مٿي بيان ڪيل ٻنهي طريقن مان ڪهڙو به طريقو کڻو، جيڪڏهن توهان ٻارن ۾ پڙهائڻ وارو جذبو، سکڻ جي خواهش ۽ ڪجهه پاڻ ڪرڻ جي سوچ پيدا ڪري/ڏسو صفحو 9 بقايا 02
ويا ته پوءِ توهان پنهنجو لاڀ حاصل ڪري ويا ۽ ٻار گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا. هتي ڪجهه رهنما اصول ڏجن ٿا جيڪي توهان جي پڙهائڻ واري عمل ۽ منصوبي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. سکيا سرگرمي ٻارن کي اتساهيندڙ هجڻ گهرجي، ٻارن کي هر وقت همٿائڻ گهرجي ته جيئن هو پڙهڻ ۾ دلچسپي ڏيکارين ۽ هو ڇو؟ ڪيئن؟ ڪڏهن؟ ڇا؟ ۽ جيڪڏهن؟ جهڙا سوال اٿاريندا ۽ پڇندا رهن. سکيا سرگرمي ٻارن جي روزاني تجربي آڌار هجڻ گهرجي ته، جيئن هو دنيا جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري سگهن. سکيا سرگرمي ٻارن جي ذهني اوسر، سگهه ۽ هنن جي سماجي ۽ تعليمي ترقي ۾ مدد گار ثابت ٿئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته، ٻارن ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي خواهش موجود هوندي آهي جيڪڏهن هنن ۾ سکڻ جو لاڙو هاڪاري آهي ته، هنن جي مدد ان حوالي سان به ٿيڻ گهرجي. استاد جو ڄاڻ سان گڏ هن جو حسن سلوڪ به سٺو هجڻ گهرجي ته، جيئن ٻار سکڻ وقت ڪنهن خوف، ججهڪ يا هٻڪ جو شڪار نه ٿئي. استاد کي ٻار جي زبان، رنگ، نسل ۽ ثقافتي لاڳاپي کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ ڪابه اهڙي ڳالهه، جنهن سان ڪنهن ٻار جي دل آزاري ٿئي، کان پاسو ڪرڻ گهرجي. استاد کي ٻار جي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه به ويهارڻ گهرجي ته، هي هڪ استاد سان گڏ هنن جو دوست پڻ آهي. خوف ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. توهان ۽ اسان گڏجي هن ڪلاس جي نتيجي، مان ۽ مرتبي ۾ واڌارو ڪري سگهون ٿا.