سينيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ارسا وارا به شريڪ هئا، انهي گڏجاڻي ۾ ارسا جي چيئرمين رائو ارشاد علي چيو ته اسان ڊيم نٿا ٺاهيون جيتوڻيڪ واپڊا وارا ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر اسان ڊيم نٿا ٺاهيون، هن انهن ماڻهن کي بيوقوف چيو جيڪي ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪن ٿا. چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نوٽيس وٺڻ تي ارسا جي چيئرمين پنهنجا لفظ واپس ورتا. تنهن کانپوءِ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجي چيو ته پاڻي جا انگ اکر ٽوڙي مروڙي پيش ڪيا وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 17 بدران 22 سيڪڙو آهي. اسان کي ڪوٽا جو 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي به ڏنو نٿو وڃي. ارسا جي چيئرمين سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي انگن اکرن کي مڃيو. هن وڌيڪ چيو ته ارسا آڳاٽي خريف لاءِ 10 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو تخمينو لڳايو هو جنهن کان کوٽ وڌيڪ ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب کي پهرين اپريل کان 30 جون 2021ع تائين حصي کان 15 سيڪڙو ۽ سنڌ کي 17 سيڪڙو پاڻي گهٽ مليو. بلوچستان کي حصي کان 26 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا کي حصي کان 33 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي مليو. ارسا چيئرمين چيو ته پيئڻ لاءِ پاڻي صوبن جي حصي ۾ شامل آهي. هن چيو ته هر سال 28 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ ضائع ٿئي ٿو،
\ هر سال 14 ارب ڊالرن جو پاڻي ضائع ٿئي ٿو .45 سالن ۾ 600 ارب ڊالرن جو پاڻي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو. سنڌ جي ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن اسلم انصاري چيو ته ارسا 1991ع جي پاڻي ٺاهه بجاءِ تاريخي فارمولي جي بنياد تي پاڻي ورڇ ڪري ٿي جنهن مان سنڌ کي حصي کان 5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ملي ٿو، ان سان سنڌ کي 100 ملين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. 20 سالن کان ايئن ڪيو پيو وڃي. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي 5 هزار ڪيوسڪ روزانو ڏيڻو آهي جيڪو نٿو ملي هن هلندڙ خريف دوران 30 جون تائين 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملڻ وارن انگن اکرن کي رد ڪندي چيو ته سنڌ کي 17 نه 22 سيڪڙو کوٽ ملي. قومي پاڻي پاليسي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي پهرين اوليت ڏني وئي آهي ۽ ان تي عمل نٿو ٿئي.
انگ اکر ٽوڙي مروڙي ٻڌايا وڃن ٿا. سنڌ جي آبپاشي کاتي جو موقف هو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سال جي 12 مهينن مان رڳو 2 مهينا ڇوڙ ٿئي ٿو، باقي 10 مهينا ڊائون اسٽريم سڪل رهي ٿي. سنڌ کي حصي طور جڙندڙ پاڻي کان محروم رکيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي ڇڏڻ واري مامري تي به 2005ع کان عمل نه ٿيو آهي. ارسا ڪو به پاڻي ورڇ جو پنهنجو فيصلو تيار نٿي ڪري سگهي. نه ئي 1991ع جي پاڻي ٺاهه کي تبديل ڪري سگهي ٿي. ارسا هسٽاريڪل يوزز (تاريخي استعمال) تحت پاڻي ورڇ جو فيصلو ڪيئن ڪري رهي آهي؟ هن چيو ته 72 سالن کان 82 اسٽوريج ٺهي رهيا هئا، ان وقت سنڌ کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻي مليو، جيڪڏهن ان مدت دوران سنڌ کي مليل پاڻي به شامل ڪيو وڃي ته تاريخي استعمال تحت پاڻي جي تقسيم سان سنڌ کي 5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ڏنو پيو وڃي. ارسا چيئرمين جو چوڻ هو ته 70 سيڪڙو پاڻي جولاءِ کان آگسٽ ۾ اچي ٿو، باقي مهينن ۾ رڳو 30 سيڪڙو پاڻي جي گهرج ڊيمن ذريعي پوري ڪئي وڃي ٿي. هن سال صورتحال خراب هئي، اسان وٽ اپريل ۽ جون ۾ پاڻي نه هو. هن چيو ته سنڌ وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر ان لاءِ ٽي ڊيم ٺاهڻا هئا، جنهن مان اضافي پاڻي ملي پئي سگهيو پر ڊيم نه ٺهيا. اسين پاڻي سمنڊ ۾ وڃائيندا رهياسين جيستائين ڊيم نه ٺهندا اسان کي ٻوڏ کان ۽ نه ئي پاڻي کوٽ کان بچي سگهنداسين. هن دعويٰ ڪندي چيو ته گذريل 40 سالن دوران ملڪ اندر آباد ٿيندڙ زمين جي ايريا نه وڌي آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي ماهرن سفارش ڪئي هئي، ان سان گڏ اهو به چيو هو ته ان لاءِ ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي پر صوبن ڊيم ٺاهڻ تي اتفاق نه ڪيو، اسان کان وڌيڪ بيوقوف قوم ڪا هوندي اسان پاڻي ضائع ڪريون پيا هاڻي به اسان 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم پوءِ اکوڙي ڊيم ۽ پوءِ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ گهرجي ها ڇو جو ڀاشا سڀ کان مٿاهين علائقي تي آهي. هن چيو ته جيستائين ڊيم نه ٺهندا اسان ايئن وڙهندا رهندا سين.
توهان ڊيمن ٺاهڻ جي مخالفت ڪيو ٿا پوءِ پاڻي ڪٿان ڏسنداسين؟ ڪاميٽي جي چيئرمين بيوقوف چوڻ تي معافي گهري. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبر نزهت پٺاڻ چيو ته صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ جي حوالي سان اعتماد بحال ڪرڻ ارسا جي ذميواري هئي. ارسا 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل نه ڪري رهي آهي، ڊيمن جي مخالفت اعتماد نه هجڻ ڪري آهي ڪالاباغ ڊيم جي ننڍ پڻ کان مخالفت ڪيون پيا، ان سان سنڌ خيبرپختونخوا صوبا سڪي ويندا. ارسا 1991ع پاڻي ٺاهه تي ايمانداري سان عمل ڪري ها ته اختلاف نه ٿين ها. ڪاميٽي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته ڀاشا ڊيم تي ته وڏي عرصي کان صوبن ۾ اتفاق آهي پوءِ اهو ڊيم ڇو نه ٺهيو آهي؟ صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ واري مامري تي ايئن اعتماد ختم نه ٿيو آهي، ارسا ۾ چئن صوبن مان ٽي صوبا TPL لنڪ نه کولڻ جي راءِ ڏين ٿا پر ان باوجود TPL کي کوليو وڃي ٿو، اهي لنڪ ڪينال فلڊ وقت وهڻا هئا. ارسا چيئرمين چيو ته پنجاب جا C.J ۽ T.P لنڪ سوڌو سمورا لنڪ ڪينال آهن فلڊ ڪينال نه آهن. سنڌ جي آبپاشي عملدارن چيو ته فلڊ ڪينال آهن. ارسا چيئرمين جو چوڻ هو ته ارسا جي قيام کان اڳ ايڊهاڪ بنيادن تي پاڻي ورهاست ٿيندي هئي، 1984ع ۾ سي جي لنڪ ڪينال بابت اختلاف ٿيا، فيصلو به ٿيو پر 1991ع واري پاڻي ٺاهه کانپوءِ اهي فيصلا ختم ٿي ويا. پنجاب مان آيل پي ٽي آءِ جي ميمبر علي نواز شاهه ارسا چيئرمين مٿان تنقيد ڪندي چيو ته هڪ طرف ارسا چيئرمين چئي رهيو آهي ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه کانپوءِ به پراڻا فيصلا ختم ٿي ويا آهن ته پوءِ تاريخي استعمال تحت ورڇ ڇو ٿي رهي آهي؟ ڪاميٽي جي چيئرمين فيصلو ڪندي چيو ته C.C.I کي ڪاميٽي پاران خط لکيو ويندو ته پاڻي ورڇ ٿر ي ٽيئر فارمولي تحت ٿيڻ وارو مامرو هڪ سال کان C.C.I ۾ آهي C.C. I کي ان مامري تي اجلاس طلب ڪري فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو ويندو. اچو ته انهن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون.
1. ارسا جي چيئرمين رائو ارشاد جا بيان
هن ڪجهه ڳالهيون ڪيون جيڪي هي آهن:
T.P ۽ C.J لنڪ ڪينال فلڊ ڪينال ناهن:
جيڪڏهن اهي فلڊ ڪينال ناهن ته ڇا آهن؟ انڊس بيسن ٽريٽي ۾ ٽي اڀرندا ڪينال ستلج، بياس ۽ راوي هندستان کي ڏنا ويا. هنن تي جيڪا آبادي ٿي رهي هئي انهي کي پاڻي ڏيڻو هو، جنهن لاءِ لنڪ ڪينال ٺاهيا ويا، انهن کي منگلا مان به پاڻي ڏئي سگهجي ها پر کوٽ سبب تربيلا مان پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو، انهي فيصلي تي اهي ٻه لنڪ ڪينال ۽ ٻيا لنڪ ڪينال ٺاهيا ويا، انهن ۾ پاڻي تڏهن ڏئي سگهجي پيو جڏهن سنڌ ۾ کوٽ نه هجي ها، پر سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ اهي ڪينال نٿا هلائي سگهجن. سنڌو درياهه جو پاڻي منگلا مان ڏيڻ بدران تربيلا ۾ ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو.پاڻي رڳو آگسٽ مهيني ۾ اچي ٿو: ايئن ناهي 28 ملين ايڪڙ فوٽ واري ڳالهه صحيح ناهي، ڪن وقتن ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان به گهٽ پاڻي ويو آهي، رڳو سراسري پاڻي جي بنياد تي اهو چوڻ ته هر سال پاڻي وڃي ٿو، صحيح ناهي. جڏهن هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ ويندو ته ڊيم ڪيئن ڀر با.
نوان ڊيم ٺاهڻ واري ڳالهه:
پنجاب وارا ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ چاهن ٿا، جنهن جي جيارڻ جي ڪوشش مئل گهوڙي کي جيارڻ جيان آهي. اکوڙي ڊيم کي ڇڏي ڏيون جو ان مان بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش گهٽ آهي، باقي رهيو ڀاشا ڊيم انهي ٺاهڻ تي پنجاب کي ڇو اعتراض آهي؟ ڪاميٽي جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته جڏهن C.C.I ۾ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي اتفاق آهي ته پوءِ اهو ڇو نٿو ٺاهيو وڃي؟ پر اهو پنجاب وارن جي گهر جي خلاف آهي، هو هر ريت ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ چاهن ٿا.
سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ واري ڳالهه:
انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽ فيصلو ڪيو هو ته ماحولياتي ضرورتن لاءِ سمنڊ ۾ هر ڏينهن 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ هر پنجن سالن ۾ 25 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي، وفاقي حڪومت جو ڪم آهي ته انهي تي ڪو فيصلو ڪري پر اڃان تائين ڪو فيصلو نه ٿيو آهي. پوءِ ڪوٽڙي کان هيٺ هر ڏينهن 5 هزار ڪيوسڪ نٿو ڇڏيو وڃي جنهن ڪري ڊيلٽا جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي.پنجاب وارا هر قيمت تي ڪالاباغ ٺاهڻ چاهن ٿا، پر سنڌ جا انهي تي اعتراض آهن. هڪ اعتراض اهو اهي ته هي پنجاب صوبي ۾ ٺهندو جنهنڪري پنجاب وارا ورهاست ۾ گڙٻڙ ڪري سگهن ٿا. ٻيو اعتراض اهو آهي ته حڪومت ان مان ٻه واهه 4، 4 ملين ايڪڙ فوٽ جا ٺاهڻ چاهي ٿي. وري خيبرپختونخوا جا ٻه اعتراض آهن پهريون اهو ته ٻوڏ واري وقت نوشهرو شهر ٻڏندو. ٻيو اهو ته هنن جي اسڪارپ واري ايراضي ۾ وڌيڪ سم جو پاڻي ايندو. مان ڪاميٽي چيئرمين جي انهي ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو ته C.C.I پاڻي جي ورهاست بابت چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ فيصلو ڪري، اهو مامرو ايئن نبري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ انهي فيصلي خلاف به وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ وڃي سگهي ٿي. پهرين ڳالهه اها آهي ته سي سي آءِ جو چيئرمين عمران خان فيصلو ڪري ته منهنجي خيال ۾ مامرو حل ٿي ويندو، ڏسون ڪڏهن ٿو عمران خان فيصلو ڪري.