تازو صحافت جي تحفظ بابت ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم “رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز” دنيا جي 37 اهڙن ملڪن جي حڪمرانن جي فهرست جاري ڪئي آھي جيڪي پنهنجن ملڪن ۾ ميڊيا سينسرشپ، صحافين کي قيد ڪرائي کين تشدد  جو نشانو بڻائڻ سميت قتل ڪرائي اظھار جي آزاديءَ جي راھه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آھن ان فهرست ۾ پاڪستان جي موجوده وزيراعظم عمران خان کي پڻ شامل ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان عالمي اداري جو چوڻ آھي ته عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ۾  آزاد صحافت ڪرڻ وارا صحافي ڪيسن، قاتلاڻن حملن، اغوا ۽ قتل وارين ڀوڳنائن مان گذري رهيا آھن. آزاد صحافت جي صورتحال جي بين الاقوامي حالتن جي فهرست جي 180 ملڪن ۾ پاڪستان 145هين نمبر تي آھي، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته عمران خان جي اچڻ کانپوءِ جمهوري ادارا ڪمزور ٿيا آھن جڏھن ته پاڪستان اندر طاقتور ڌرين جي مداخلت کي پڻ ذڪر ۾ آندو ويو آھي ۽ چيو ويو آھي ته جيڪي صحافي سچ لکن ٿا يا تبصرا ڪن ٿا ته کين ملڪ دشمن، سيڪيورٽي ادارن جو مخالف يا عمران خان مخالف قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ پي ٽي آءِ  جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا کي دٻائڻ لاءِ ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ڪرڻ سميت  نشريات بند ڪرڻ وارن عملن تي زور ڏنو وڃي ٿو. صحافت بابت ڪم ڪندڙ عالمي اداري جي اهڙي رپورٽ کي جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ حڪومت جي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري رد ڪندي ان کي سازش قرار ڏنو آھي پر پاڻ جيڪڏھن هن تازي رپورٽ کي ڇڏي ڪري به ڏسون ٿا ته پاڪستان وڏي عرصي کان وٺي دنيا جي انهن ملڪن جي فهرست ۾ ئي شامل رهيو آھي جيڪي ملڪ صحافت ڪرڻ لاءِ انتهائي خطرناڪ سمجهيا ويندا رهيا آھن ۽ اها به هڪڙي نه لڪندڙ حقيقت آھي ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن صحافت لاءِ صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. هي سال ته اڃان هلي رهيو آھي جنهن ۾ صحافت 6 مهينن دوران نشاني تي رهي ئي  آھي پر  گذريل سال ڪراچي ۾ معاذ اختر نالي نوجوان ميڊيا ورڪر طرفان فاقاڪشي کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ وارو واقعو ۽ 10 مهينا بغير پگهار جي ڪم ڪرڻ کانپوءِ به ميڊيا اداري مان نيڪالي ڏنل ڪئميرامين فياض علي جي معاشي تنگي ۽ ان سبب هارٽ اٽيڪ ۾ فوت ٿيڻ وارو واقعو صحافت جي تحفظ ۽ اظھار جي آزادي لاءِ سولايون پيدا ڪرڻ جي دعويدار حڪومت ۽ صحافتي تنظيمن جي ڪارج آڏو سواليا بڻيل رهندو. ان کان علاوه  آگسٽ 2020ع ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئشن طرفان ريڊيو پاڪستان جي 3سئو ويھه ملازمن کي بغير اطلاع جي فارغ ڪرڻ ۽ آڪٽوبر ۾ 749 ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڻ جواب ڏئي ڇڏڻ واريون ڳالهيون ته رڪارڊ جو حصو رهيون آھن پر خانگي ٽي وي چينلن يا اخبارن مان ملازمن جي برطرفي جو ته ڪو اندازو انڪري به نٿو لڳائي سگهجي جو اهي پنهنجون پگهارون ۽ برطرفيون هروڀرو ظاهر ناهن ڪندا. ان کان علاوه اطلاعات واري وفاقي وزارت پاران 6 هزار اخبارن کي ڊمي ڄاڻائي بند ڪرڻ واري عمل کان وٺي اسلام آباد مان سينئر صحافي مطيع الله، ڪراچي مان عمران سيد کي اغوا ڪرڻ توڙي نوشھروفيروز مان عزيز ميمڻ، صالح پٽ ۾ اجي لالواڻي، دوداپور ۾ ذوالفقار مندراڻي، ساجد حسين، شاهينه شاهين سميت 10 کان وڌيڪ صحافين جي قتل جا واقعا ملڪ ۾ صحافت جي آزادي ۽ تحفظ واري حڪومتي دعوائن کي چٽي نموني ظاهر ڪن ٿا ۽ اهو به عجيب لقاءُ آھي ته ويجهڙائيءَ ۾ صحافي اسد طور سميت اغوا ۽ تشدد جو نشانو بڻجندڙ صحافين جو ڪافي انگ اسلام آباد سان آھي جيڪو ملڪ جي گادي جو هنڌ آھي ۽ صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين واري واقعن تي آڱريون سيڪيورٽي اهلڪارن ڏانهن به کڄنديون رهيون آھن جن جي کڻي جو حڪومت ۽ ادارا ترديد ڪندا رهيا آھن ۽ ان سلسلي ۾ وقت بوقت جاچ ڪاميٽيون به ٺھنديون رهيون آھن پر هي به سوچڻ جهڙي ڳالھه آھي ته صحافين جي قتل، اغوائن کان وٺي کين تشدد جو نشانو بڻائڻ وارن واقعن مان اڄ ڏينهن تائين هڪ به واقعي جي جاچ رپورٽ ڪڏھن سامهون ناهي آئي جنهن کي تسلي بخش قرار چئي سگهجي ته واقعي به هن ملڪ جا واڳ ڌڻي آزاد صحافت جا حامي يا اظھار جي آزادي ۾ يقين رکندڙ آھن. صحافين سان ٿيندڙ ظلم خلاف صحافتي تنظيمن جي لڳاتار احتجاج باوجود صحافت جي تحفظ جو بل 11 سالن کان رديءَ جي ٽوڪري ۾ پيل رهيو ۽ نيٺ ھاڻ اهو شيرين مزاري جي محنت سان اسيمبلي مان پاس ٿي چڪو آھي ۽ ايئن ئي سنڌ اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبليون به صحافت جي تحفظ ۽ کين ڪوريج ۾ آزادي، خبر جو ذريعو راز ۾ رکڻ ۽ ادارن کي صحافين سان تعاون ڪرڻ جو پابند رکڻ جا بل منظور ٿيل آھن پر اهي به عملي طور ڪا ڄڻ حيثيت نٿا رکن، ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ شروع کان وٺي هتي سچ کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ جو سلسلو جاري رهيو آھي، اهو ايوبي دور هجي يا جنرل ضياءَ الحق جو دور هجي ان دور جا ماڻھو ٻڌائيندا آھن ته ڪيئن اخبارون حڪمرانن جي زور آڏو زاري ڪري هلڻ تي مجبور هيون يا وري ڪيئن اخبارن جا پيج خبرن کان خالي هوندا هئا.  اسان هڪ دفعي سينئر صحافي سهيل سانگي جي صلاح تي 4 مارچ جنهن کي شاگرد جدوجهد جو ڏهاڙو چيو وڃي ٿو تي اخباري مواد پئي ڏسڻ چاهيو ۽ سنڌ الاجي جي لائبريري مان 4 مارچ 1964ع جون سنڌي اخبارون ڳوليون ته هٿ آيل اخبارن ۾ اسانکي 4 مارچ واري واقعي وارو بيان يا ته نظر نه پئي آيو يا وري جن اخبارن ۾ ڇپيل هو ان ۾ رڳو اهو لکيل هو ته شرپسندن طرفان وڳوڙ جي ڪوشش، پوليس راجپوتانا وٽان وڳوڙين کي پڪڙي ورتو اهو جملو انهن شاگردن لاءِ لکيل هو جن کي اسان چوٿين مارچ جا هيروز چئون ٿا. اهو آمريتي رويو آھي جيڪو صحافت ڏانهن رهيو آھي جنهن جو ڏيک موجوده تبديلي سرڪار به ڏئي ٿي پئي. ٻئي مصيبت وري هي به آھي ته صحافت جي ڊگري يا تعليم ۽ تحقيق جو رجحان ته هتي رهيو ئي ناهي پر ڪجھه سالن کان وٺي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھائيءَ جو رجحان وڌيو آھي ته وري يونيورسٽين طرفان نوجوانن کي عملي طور مهارت ڏئي مارڪيٽ ۾ موڪلڻ بجاءِ صرف ٿيوري تي گذارو ڪرايو وڃي ٿو. خاص طور اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل سسٽم جو ته نانءُ نشان ئي ڪونهي اهو ئي سبب آھي ته صحافت ۾ذاتي دلچسپي وارن نوجوانن کي ڇڏي باقي ڊگري هولڊرن کي وري به /ڏسو صفحو 9 بقايا 01
ميڊيا ادارن ۾ اچي سکيا وٺڻي پوي ٿي پر ان ۾ يونيورسٽين تي ڪهڙي ميار ڏجي جڏھن اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوي ته نوجوان صحافت ۾ ڪابه ڊگري نه ڪن ڇوته اسان وٽ کين نوڪريون ڏيڻ جي ڪابه گنجائش ڪونهي. بهرحال ميڊيا بابت عالمي اداري جي تازي رپورٽ ان ڳالھه جو دليل آھي ته 21صديءَ ۾ به اسان جي ملڪ جو صحافي اظھار جي آزادي لاءِ حالت جنگ ۾ آھي ۽ هُو اڄ به 16 صديءَ واري انگلينڊ جي بادشاهت واري سوچ سان وڙھي رهيو آھي ته صحافت جو ڪم رڳو بادشاهن جي پيغامن کي عام ماڻھوءَ تائين پهچائڻ آھي پر هاڻ اسانکي چار سئو سال پراڻي بادشاهت واري سوچ سان منهن ڏيڻ لاءِ جتي سخت محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت پوندي اتي حقيقي ۽ سچ جي ساٿاري صحافين کي برداشت ڪرڻو ۽ ساڻن ساٿ ڏيڻو پوندو ته جيئن هُو صحافت جي بنيادي نظريي ڄاڻ کي ايمانداريءَ سان حاصل ڪري ان کي ٻين تائين پهچائين جيئن ميڊيا واقعي رياست جي چوٿين ٿنڀ واري حقيقي حيثيت حاصل ڪري سگهي.