تباهه ٿيل سنڌ کي پيرن تي بيهڻ لاءِ 16 ارب ڊالرز جي ضرورت

0
467

ڪراچي(نمائندن وٽان) تباهه ٿيل سنڌ کي پيرن تي بيهڻ لاءِ 16 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي، سنڌ جو بنيادي ڍانچو، زراعت، فصل، چوپايو مال، آبپاشي نظام سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي، صوبي جا هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن

وڏي وزير مراد علي شاهه جي سکر ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آڏو بريفنگ ڏني

مراد علي شاهه چيو ته ماحول جي قيمت تي ترقي ڪندڙ اُسريل ملڪن جي ڏوهن جي سزا اسان کي ملي آهي

مراد علي شاهه چيو ته بي گهر ماڻهن کي گهر، مالوندن کي چوپايو مال ۽ آبادگارن کي پوکيءَ لاءِ معاوضا ڏيڻ چاهيون ٿا، عالمي برادري کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ توهان ڪردار ادا ڪيو