ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو، مختلف هنڌن تي 6 عورتن ۽ 8 ٻارڙن سوڌو 19 ڄڻا فوت، 152کان وڌيڪ اسپتال ڀيڙا، مريضن ۾ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل، خبر موجب خيرپور جي ٽنڊو مير علي جي رليف ڪيمپ ۾ ڳوٺ نواب الدين شر واسي محمد دين شر جي 16 ورھين جي نياڻي رخسانه شر فوت ٿي وئي، صالح پٽ جي ڳوٺ عبدالڪريم مڱريو ۾ گيسٽرو سبب  6 سالن جو امجد مڱريو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 سالن جي نينگري انعم کي سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي، سيتاروڊ ۾ جوهي بئراج جي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر علي دمساز سولنگي بخار سبب فوت ٿي ويو، سيتاروڊ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ترسيل محمد يوسف سولنگي جي 4 سالا نياڻي فوت ٿي وئي، وارھ ۾ مختلف بيمارين وگهي 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، شھر جي کنڊو اسٽاپ ڀرسان ڪيمپ ۾ ترسيل پيرسن عورت صدوري گورگيج ڳلي جي تڪليف سبب فوت ٿي وئي، جڏھن ته لطيف ڪالوني ۾ گل محمد کٽياڻ ۽ سندس ڀيڻ سوهانا کٽياڻ ڳلي جي تڪليف سبب دم ڏنو، وارثن محمد بخش گورگيج، حاڪم گورگيج ۽ ٻين عورت جو لاش کڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو، دوداپور جي ڳوٺ نئون جکرو ۾ ڏيڍ ورهين جي نينگري شهربانو جکرو گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ڳوٺ سليمان ڪٽوهر ۾ 45 ورهين جو لطف الله ڪٽوهر پڻ گيسٽرو سبب حياتي وڃائي ويٺو، ڳڙهي خيرو ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي ھڪ نينگر ۽ ٻه عورتون فوت ٿي ويون، خير شاھ پاڙي ۾ 8 ورھين جو عباس بروھي مليريا وگھي فوت ٿي ويو، جڏھن ته اسپتال پاڙي ۾ عورت گرمي وگھي دم ڏنو، هوڏانهن جيڪب آباد روڊ تي ويٺل ڳوٺ گھرام بروھي واسڻ ڀرائي گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، سيهڙ ۾يعقوب جوڻيجو جو معصوم پٽ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي اسڪول جي رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ڳوٺ نبي بخش  چانڊيو جو رهواسي  ٻوڏ متاثر 60 سالن جو علي جان چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، مقامي ڳوٺاڻن فوتي جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو، قبوسعيدخان ڀرسان قبو شاخ تي ويٺل ٻوڏ متاثر 8 ورھين جي زويا بروھي گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، ميھڙ جي ڳوٺ چارو ۾ 14 ورھين جي نينگري ھير ٻگھيو گيسٽرو فوت ٿي وئي، مٽياري لڳ اڏيرو لال جي برسات متاثر ڪئمپ ۾ ھڪ مھيني جي ٻارڙي مليريا وگهي فوت ٿي وئي، اوڏيرولال اسٽيشن لڳ مينهن کوسو ۾ 35 سالا صلاح الدين کوسو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڀرياسٽي جي ڳوٺ کبڙ خان سولنگي ۾ نوجوان ناري سائره سولنگي گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، خيرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گيسٽرو جي مرض ۾ تيزي اچي وئي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 مريض ٻارڙن کي سٽي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾ شفيع الله، شفقت، علي وارث، نينا، عروج فاطمه، جبران، علي خان، ايان، ڪامران، مھتاب، مريم، فاطمه، عاطف، ابوبڪر ۽ ٻيا شامل آهن، گاجي کهاوڙ اسپتال ۾ 21 کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس رپورٽ ڪا ويا، مريضن ۾ رخسانه خاتون، محمد يوسف، شوڪت علي، سڪينه خاتون، ثمينه خاتون، اظهر علي، علي اصغر ۽ ٻيا شامل آهن، لاڙڪاڻي ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا 70 ٻارڙن کي شيخ زيد چلڊرين اسپتال آندو ويو،