سکر (بيورو رپورٽ) دوستن سان شرط رکي سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش ٻن هفتن کان پوءِ سکر بئراج وٽان هٿ اچي ويو. سکر بئراج وٽ نامعلوم نوجوان لاش موجود هجڻ جي اطلاع تي پوليس مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو. بئراج مان لاش ملڻ جي اطلاع بعد وارثن اسپتال پهچي لاش جي سڃاڻپ زبير احمد چوهاڻ رهائشي ٿرمل ڪالوني پراڻي سکر طور ڪئي. ان ڏس ۾ فوتيءَ جي مائٽ محمد علي چوهاڻ جو چوڻ هو ته ٻه هفتا اڳ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه دوران ٽن دوستن چانهه جو شرط رکي درياهه ۾ ٽپو ڏنو، نتيجي ۾ زبير احمد چوهاڻ ٻڏي ويو هو. لاش گهر پهچايو ويو ته ڪهرام مچي ويو.