تاحيات نااهلي صادق ۽ امين نه رهڻ جي صورت ۾ ٿيندي آهي: چيف جسٽس

0
240
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آھي ته فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس ۾ غلطي تسليم ڪرڻ تي نااهلي ته ٺهي ٿي پر تاحيات نااهلي نه ٿي ٺهي

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاران نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته تاحيات نااهلي صادق ۽ امين نه رهڻ جي صورت ۾ ٿيندي آهي

فيصل واوڊا جي وڪيل وسيم سجاد چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪورٽ آف لاء نه آهي، تنهن ڪري نااهلي جو فيصلو نه ٿي ڏئي سگهي

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اثاثا لڪائڻ يا غلطي ڪرڻ تي آرٽيڪل 63 ون سي تحت نااهلي هڪ مدي تائين ٿي سگهي ٿي

 فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته فيصل واوڊا پنهنجي آمريڪي شهريت رد ڪرائي چڪو آهي

 چيف جسٽس چيو ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڇڏي آهي

عدالت فيصل واوڊا جي وڪيل کي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن بابت وڌيڪ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ لنواري شريف درگاهه ۾ 39 سال اڳ ٿيل رتوڇاڻ بابت اپيلن جو 23 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

جن ميمبرز جون استيعفائون منظور ناهن ٿيون اُهي پارليامينٽ ۾ ويهن:چيف جسٽس