اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم وٽ اڃا گهڻا ڪارڊ آهن. 30  مارچ کان پهرين اپريل وچ ۾ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي. پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته 25 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فوت ٿي ويل قومي اسيمبلي ميمبرن جي روح کي ثواب پهچائڻ جي لاءِ دعا پڻ ٿيندي. هن چيو ته 30 مارچ کان پهرين اپريل تائين اسپيڪر جنهن ڏينهن لاءِ چاهي اهو ڏينهن ووٽنگ لاءِ مقرر ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ ظاهر ٿي ويندو ته عوام ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي لاءِ پراميد آهيون ۽ اميد آهي ته اتحادي عمران خان سان گڏ هوندا. دعا آهي ته اتحادي عمران جو ساٿ ڏين.