ڪراچي (م ڊ) سينئر صحافين ۽ تجزئي  نگارن جو چوڻ آهي ته عمران خان وٽ ڪو به آپشن ناهي، ڪهڙو به حربو استعمال ڪري، حڪومت بچي نه سگهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سينئر صحافي مجيب الرحمان شامي چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪڏهن به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، حڪومت جو وڃڻ طئي ٿي چڪو آهي، عمران وٽ وڌيڪ آپشن ناهن، اسيمبلي ٽوڙي اليڪشن طرف وڃي ها ته بهتر هو، اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري بي اعتمادي واپس وٺڻ جو امڪان به ناهي، حڪومت بچائڻ مشڪل آهي، اپوزيشن ۾ اچي طاقتور شخص طور اڀري سگهي ٿو، باغي ميمبرن جو ووٽ ڳڻڻ يا نه ڳڻڻ جو اختيار اسپيڪر کي ملي وڃي ته پوءِ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ميمبر استعيفا ڏيندا ته پوءِ به ڏکيائي پيدا ڪندا، سليم صافي چيو ته حڪومت پهريان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ناڪام ٿي، ايلاز منٿون به ڪم نه آيون، هاڻي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ سياست هلندي، عمران سرڪار پاڻ بچائڻ لاءِ هر حربو ڪندي، حڪومت بچي نه سگهندي، بچي وئي ته اهو معجزو هوندو، هن چيو ته  اتحادين جا مامرا اپوزيشن سان طئي ٿي ويا آهن، 27 بعد اعلان ٿيندو، عاصمه شيرازي چيو ته وفاقي وزير به پراميد ناهن، مايوس آهن ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، حڪومت ڪنهن معجزاڻي طور بچي به وئي ته هلڻ مشڪل هوندو، حڪومت کي سهارو نه ملندو، ڪو معجزو ئي حڪومت کي بچائي سگهي ٿو. شهزاد اقبال چيو ته حڪومت ٽن محاذن تي اپوزيشن سان مقابلو ڪري پئي، ڌمڪين سان روڪڻ چاهين پيا، حڪومت کي ڪا به سپورٽ نه پئي ملي.