بلاول جو وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم

0
368
بلاول جو وزيراعظم کي

ڪراچي  (ڊيسڪ رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمرن خان کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو آهي

گجرات ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اچو ته چونڊون ڪرايون ۽ مقابلو ڪريون، ڪٺ پتلي کي هاڻي وڃڻو آهي، سڄو ملڪ سراپا احتجاج آهي،هاڻي گهڻو ٿي چڪو، هن جي نااهلي جو بار عوام کڻي رهيو آهي

هن چيو آهي ته  صاف ۽ شفاف اليڪشن اسان جو مطالبو آهي، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري معاشي بحران پيدا ڪيو، اسان پهرين ڏينهن کان هن نااهل کي نه مڃيو،  پنجاب ۽ سنڌ جي عوام گو سليڪٽيڊ جو نعرو هنيو

هن چيو آهي ته عمران خان وٽ 24 ڪلاڪ آهن، استعيفيٰ ڏئي گهر گهليو وڃي، ٻي صورت ۾ جيالا اسلام آباد پهچي کيس گهر موڪليندا، عمران خان ۾ همت آهي ته 24 ڪلاڪن اندر اسيمبليز ٽوڙي چونڊن ۾ مقابلو ڪري

بلاول چيو ته بي اعتمادي جِي صورت ۾ اسان جو اصل هدف عمران خان آهي، بي اعتمادي رٿ تي سموريون اپوزيشن جماعتون متحد ۽ متفق آهن، اسان کي عمران خان کان حساب وٺڻو آهي

ھي به پڙھندا

جمهوري حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، چورن جي ايجنڊا ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم