پ پ قيادت پاران وڏي وزير ۽ ايم پي ايز کي ڪراچي پھچڻ جون ھدايتون

0
169
ڪراچي ۾ وڏي وزير جي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ مان سينيٽ جي خالي جنرل سيٽ تي چونڊ واري مامري تي پيپلزپارٽي قيادت پاران وڏي وزير مراد علي شاھ سميت سنڌ جي سمورن ايم پي ايز کي سڀاڻي 8 بجي تائين ڪراچي پھچڻ جون ھدايتون ڪيون ويون آهن

پ پ ذريعن موجب 8  مارچ تي رات جو 8 وڳي پارليماني ڪميٽي جو وزيراعلي ھائوس ۾ اجلاس سڏايو ويو آھي ۽ قيادت سمورن ايم پي ايز کي ان ۾ شريڪ ٿيڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن

پ پ ذريعن موجب ڪجھ ايم پي ايز لانگ مارچ مان ڪراچي لاء روانا بہ ٿي ويا آھن، ڪجھ ايم پي ايز اڄ ۽ ڪجھ سڀاڻي جھاز ذريعي ڪراچي لاء روانا ٿي ويندا، 9  مارچ تي سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي