اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشريٰ بي بي کي مڪمل فٽ قرار ڏئي سندس صحت بابت تازي رپورٽ اعليٰ عملدارن کي موڪلي ڇڏي.
ذريعن موجب بشريٰ بي بي ڪالهه منجهند جو سيني ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي هئي، اڊيالا جيل جي ڊاڪٽرن معائنو ڪري اڳوڻي خاتون اول کي صحتمند قرار ڏنو هو.
تنهن کانپوءِ پمز جي ڊاڪٽرن جي ٽيم رات جي وقت بني گالا ۾ بشريٰ بي بي جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو. ذريعن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن اڳوڻي خاتون اول کي پمز اسپتال جي ماهرن ۽ دل جي مرضن جي ماهرن کان معائنو ڪرائڻ جي تجويز ڏني، ان کانسواءِ پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن بشريٰ بي بي جو طبي معائنو ڪري کيس رڳو کاڌي ۾ احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني.