اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ايڪشن پلان 2014 تي عملدرآمد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، گهرو وزارت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست شهدا فورم بلوچستان جي پيٽرن ان چيف نوابزاده جمال رئيساڻي، ايڊووڪيٽ حافظ احسان کوکر ذريعي داخل ڪرائي، جنهن ۾ پوليس سڌارن تي فوري طور عملدرآمد شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته سموريون عدالتون ٻڌڻي هيٺ دهشتگردي جي سمورن ڪيسن جا فوري طور فيصلا ڪرڻ جا حڪم ڏين، گڏوگڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان عالمي معيار موجب شاهدن جي تحفظ ۽ پراسيڪيوشن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي اپيل به ڪئي وئي آهي. شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ گهر ڀاتين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪندي اها به اپيل ڪئي وئي آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي دهشتگردي جي مشهوري جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.