اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڊيالا جيل ۾ عمران خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڌيڪ 5 شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا، نيب پراسيڪيوٽر موجب هيل تائين هن ڪيس ۾ مجموعي طور 21 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 15 شاهدن تي جرح مڪمل ٿي وئي آهي، ٻڌڻي دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي به موجود هئي،  ريفرنس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪئي. جڏهن ته عدالتي ڪمري ۾ عارضي طور ٺاهيل سمورين ڀتين کي هٽايو ويو آهي.