عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباھڪارين ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ عالمي امدادي اداري يو ڪي ايڊ جو ھڪ وفد عمرڪوٽ پھتو، وفد ۾ يو ڪي ايڊ جي نمائندهه سارا فيڪڊو، عبدالرشيد، ديبا پرويز، عباس کوسو، عمر ڳاھو ۽ ٻيا شامل ھئا، جن ڊي سي آفيس ۾ ٻوڏ متاثرن بابت بريفنگ ورتي، ان موقعي تي سارا فيڪڊو، عباس کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان سڄي سنڌ خاص طور عمرڪوٽ ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ سرگرميون ڏسڻ آيا آھيون ۽ چاھيون ٿا ته ڪا حڪمت عملي جوڙي سندن بحالي لءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي.