ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پي آءِ بي ڪالوني جي 21 هزار 800 اسڪوائر گز جي مالڪيءَ تي تڪرار حل نه ٿي سگهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ علائقي واسين کي وڏو رليف ڏيندي 6 فيبروري 2022 تي جاري ڪيل پنھنجي حڪم نامي ۾ ترميم ڪري واپس وٺي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي آءِ بي ڪالوني جي 21 هزار 800 اسڪوائر گز جي مالڪيءَ واري تڪرار تي علائقي واسين جي فوري ٻڌڻي واري درخواست دوران 6 فيبروري 2022 تي عدالت ناظر کي حڪم ڏنو ھو تہ زمين جو قبضو ختم ڪرائي درخواستگذار کي ڏنو وڃي، عدالت اهو به حڪم ڏنو ھو ته جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر کي پوليس جي مدد وٺڻي پوي ته اها به ورتي وڃي، درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت درخواستگذار سيد محمد اشرف الدين جي قانوني وارثن کي 21 هزار 800 اسڪوائر گز جي متبادل جڳھ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ھو، درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته پي آءِ بي ڪالوني ۾ ڄاڻايل زمين تي 178 کان وڌيڪ پڪا گهر ٺاهيا ويا آهن. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر سمورن رھواسين کي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ھئا، عدالت جاءِ خالي ڪرائي درخواستگذار حوالي ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.