بدين (رپورٽ: حميد سومرو) بدين ضلعي اندر چوپائي مال ۾ سامھڙي جي بيماري پکڙجي وئي، سوين ڍورن بيماريءَ سبب هلڻ چلڻ ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. جانورن جي پالنا وارو لائيو اسٽاڪ کاتو بيمار جانور کي ويڪسين ڪرڻ ۾ ناڪام، مالوندن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. تفصيل موجب بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جانورن ۾ سامھڙي جي بيماري پکڙجي وئي آهي، جنھن ڪري سوين ڍور بيماري سبب ھلڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ کان لاچار ٿي ويا آهن. مينھن، ڍڳين، ٻڪرين، رڍن ۽ ٻئي چوپائي مال ۾ سامھڙي واري بيماري جو وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري ڀاڳيا سخت پريشان ٿي ويا آهن. جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران وچڙندڙ بيمارين جي علاج لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. ڀاڳين غلام مصطفيٰ شاھاڻيٰ، ريجھو ڪولھي، عمر سومرو، حيات رند، اسلم ڀرڳڙي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي کان جانورن کي ھلڪو بخار رھڻ سان گڏ وات مان پاڻي اچڻ شروع ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ بيمار جانور ھلڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏين ٿا. جانورن جي ڦرڙن تي ان جو اثر شديد هوندو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جانورن جي پالنا واري کاتي جي عملدارن ۽ ڊاڪٽرن کي ڪيترائي ڀيرا علاج لاءِ درخواستون ڏنيون آهن پر اهي ويڪسين ڪرڻ بدران رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن. مالوند ماڻهن سنڌ جي وڏي وزير، لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته جانورن ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ويڪسين هنگامي بنياد تي شروع ڪرائي وڃي.