ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان ڳوٺ منٺار سميپوٽو ۾ پورهيت عبدالغني سميپوٽو جي گهر کي اوچتو چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ وڪوڙي وئي نيتجي ۾ گهر ۾ پيل اناج هنڌ بسترا ڪيش رقم زيورن سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ڳوٺاڻن پهچي باھ تي ضابطو آندو متاثر چيو ته گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو معصوم ٻارن سميت کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون هنن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي.