بحريه ٽائون ڌرڻي ۾ ملڪ مخالف نعرا هنيا ويا، غنڊاگردي جي اجازت نه ڏبي: ناصر شاهه

0
374

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاهه سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ بحريه ٽائون ڌرڻي بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪالھه جيڪو واقعو ٿيو، ان تي قدم کنيو آھي، ڪيس داخل ڪيا ويا، ايف آئي آرز ٿيون آھن، بحريا ٽائون جي رھواسين کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڌرڻي ۾ پاڪستان خلاف نعرا ھنيا ويا، غنڊا گردي جي اجازت نه ڏني ويندي، قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، احتجاج ڪرڻ سمورن جو حق آهي پر بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين، ملڪ خلاف نعرا هنيا ويا اها ڳالهه برداشت نه ڪنداسين، ناصر شاهه چيو ته هي سنڌ آهي جتي هر ماڻهو چونڊجي اچي ٿو، سنڌ اسيمبلي سڀ کان پهريون پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو، پاڪستان تي اسان جون جانيون قربان آهن.