تحريڪ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو: اڳواڻ

0
409

ٻانڌي (ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن جو ٻانڌي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن جو علي ديشي نظام گورچاڻي محبوب پنڃارو ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ٻانڌي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي جسقم اڳواڻن علي ديشي نظام گورچاڻي محبوب پنيحارو چيو ته ملڪ رياض پاران سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف شروع ڪيل تحريڪ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، اسان۔ سڀ سنڌي سنڌ ڌرتي جا اصل وارث آھيون ھي گرفتاريون ۽ ڪيس اسانکي سنڌ ڌرتي کان پري نٿا ڪري سگھن اسان سنڌ درتي تي پنھنجي جان قربان ڪرڻ لا تيار آھيون اسان جسقم چئيرمين جي گرفتاري جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ظاهر ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.