رتوديرو ۾ صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ٽائرن کي باهيون

0
320

رتوديرو(ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم ۽ جساف رتوديرو پاران رتوديرو باءِ پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. اڪرم ڀٽي، آصف اوڍو، عبدالله ڳچل ، نعيم اوڍو ، علي حيدي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻن چيو ته جسقم چيئر مين صنعان خان کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن نه ته سڀاڻي مرڪزي سڏ تي شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي.