ڪراچي: بحريه ٽائون ڪيس جي اسير ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ پاران جيل ۾ ڏنل پوليس کي بيان جي ڪاپي ٽائيم نيوز حاصل ڪري ورتي. زين شاھ بحريا ٽائون ۾ باھ ۽ قومپرستن پاران لڳل ڌرڻي ۾ وڳوڙ ڪرائڻ جو ذميوار آصف زرداري، ملڪ رياض ۽ سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. زين شاھ پوليس کي لکت ۾ ڏنل بيان ۾ چيو ته بحريا انتظاميہ ۽ آصف زرداري جي ونگار وهندي سنڌ حڪومت پر امن ڌرڻي کي سبوتاج ڪيو، اسان پنھنجو آئيني حق استعمال ڪندي بحريا ٽائون جي ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو پر پ پ سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا، سياسي ساک کي نقصان رسايو ويو، منھنجي مٿان داخل ٿيل ٿيل ڪيس ڪوڙا آھن ، آئون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيان ٿو. زين شاھ چيو ته 5 ايس ايس پيز جي اڳواڻي ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ اھلڪار بحريا ٽائون آڏو موجود ھئا، اسان جو پرامن احتجاج ھلي ئي رھيو ھيو تہ اسان مٿان آنسو گيس جي شيلنگ ڪئي وئي، هن چيو ته پ پ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ايم ڊي اي جي ذريعي غيرقانوني طور تي بحريا ٽائون ڪراچي حوالي ڪئي، بحريا ٽائون کي سرڪاري زمين تي ڏني وئي پر اتي سوين سالن کان رھندڙ ڳوٺاڻا آھن انھن جون زمينون بہ ھٿيارن جي زور تي سنڌ سرڪار ملڪ رياض کي ڏيارايون آھن، سنڌ سرڪار جي پشت پناھي سبب بحريا ٽائون ڪراچي ملير ضلعي کان ٿيندو جامشوري جي حدن تائين پھچي ويو آھي. زين شاهه چيو ته اسان ملڪ رياض جي سنڌ ڳوٺن تي والار خلاف احتجاج ڪيو، پيپلزپارٽي پارٽي جي سنڌ حڪومت ڌرتي ڌڻين سان گڏ بيھڻ بجاءِ ملڪ رياض جي ونگار وھي اسان خلاف ڪيس داخل ڪرايا،.