ميرپورماٿيلو: ٻارڙي مصعب جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت انڪوائري جو حڪم

0
242

ميرپورماٿيلو: ٽي ڏينهن اڳ حادثي جو زخمي ٻارڙو مصعب لاڙڪ ڏهرڪي اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ واري مامري جو ٽن ڏينهن بعد ڊي ايڇ او نوٽيس ورتو، فوتي ٻارڙي جي واقعي بابت انڪوائري مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر ذولفقار علي چنو. ڊاڪٽر الطاف ۽ ٻيا انڪوائري آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. ڊي ايڇ او منظور علي جکراڻي انڪوائري جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.