حيدرآباد/قمبر (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ باشعور سنگت اتحاد بحريا ٽائون انتظاميا پاران ملير ۾ قديم وسندين ۽ ڳوٺن کي ڊاهي مسمار ڪرڻ خلاف اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاهد حسين ڪاتيار، وقار حسين، سيد اسامه شاهه، زاهد حسين، شهباز منڱريو، عثمان سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت جي دور ۾ بحريا ٽائون سنڌ جا قديمي ڳوٺ ڊاهي قبضا پئي ڪري جڏهن ته ترقي جي نالي تي ڌرتي ڌڻي بيدخل ٿي رهيا آهن پر پ پ سرڪار بحريا ٽائون خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌي قوم کان ڌرتي کسي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واريون سازشون بند ڪري سنڌ دشمن رهائشي اسڪيمون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن.هوڏانهن قمبر ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان بحريا ٽائون، سنڌ ۾ پٺاڻن سميت ڌارين کي آباد ڪرڻ خلاف اسلم تونيو، بدر ميراڻي، راحيل ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،