دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپورصفن ٿاڻي تي گذريل ڏينھن صحافي محمد علي جوکيو جي والد ۽ ٻين مائٽن مٿان پوليس ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ نامزد محمد علي جوکيو جي والد ڪريم بخش جوکيو ، ڀاءُ عبدالغفار ، سئوٽن درياخان ، عبدالھادي ، عبدالمالڪ ، عبدالجبار ، محمد ايوب ۽ ھارين سڪندر، منور ۽ اسماعيل سميت 10 ڄڻن جي سيشن ڪورٽ شھيد بينظير آباد گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.