ميرواھ گورچاڻي (رپورٽ: مظھر گورچاڻي) ميرواھ گورچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ موهن داس فارم ڀرسان مير مائنر شاخ مان محمد ابراهيم لغاري جو ٻوري بند لاش هٿ آيو هو، جنهن جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي ميرپورخاص انسپيڪٽر غلام حسين سڌايو جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي هئي، ان حوالي سان پوليس ڪارروائي ڪري قتل ۾ ملوث 3 جوابدارن مقتول جي زال حميرا عرف ڀوري، سس الله بچائي عرف مني ۽ سنڍو راجا مير زمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ قتل ۾ استعمال ٿيندڙ سامان پڻ برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدارن قتل جو عتراف ڪيو آهي، پوليس موجب مقتول محمد ابراهيم مسمات حميرا سان پسند جي شادي ڪئي هئي، لاش ملڻ کان اڳ مقتول پنهنجي گهر واري سان گڏ ساهرن وٽ ويل هو، جنهن کي زال، سس ۽ راجا زمان رات جو ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي گھر ڀرسان مرغي فارم ۾ لڪائي رکيو هو، ٻي رات نامعلوم جوابدارن سان گڏجي لاش کي ٻوري ۾ بند ڪري جمڙائو ڪئنال ۾ اڇلايو ويو، پوليس موجب ته مقتول جي زال اعتراف ڪيو آهي ته مڙس جا ناجائز عورتن سان تعلقات هئا ۽ بنا جواز تشدد ڪندو هو، جنهن ڪري مجبور ٿي کيس قتل ڪيو آهي، پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، يار رهي ته مقتول جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن تي داخل آهي.