حيدرآباد (ن پ ا): حيدرآباد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران اسلام آباد جي سينيئر صحافي اسد علي طور تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ريجن جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، خزانچي ڄام فريد لاکو، منصور مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ به صحافين ۽ صحافت مٿان سرعام حملا ٿي رهيا آهن. سينيئر صحافي اسد علي طور تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. صحافي مٿان حملو آزاد صحافت مٿان هڪ وار سمجهون ٿا. هنن چيو ته آمريتي سوچ رکندڙ قوتون اڄ به اظهار جي آزادي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن جيڪي مختلف طريقن ۽ حربن سان صحافت جي آزادي واري آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هنن چيو ته پاڪستان صحافت جي حوالي سان انتهائي خطرناڪ ملڪن ۾ شامل آهي جتي قلم ڌڻين جا ڪنڌ ڪپڻ ۾ دير ئي نٿي ڪئي وڃي پر افسوس آهي جو حڪومت توڙي لاڳاپيل ادارا صحافين جي تحفظ لاءِ ڪي به جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن. هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سينيئر صحافي اسد علي طور تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي عدالتي جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سيوھڻ ۾ ڪي بڙدي نظر علي پنهور، ذوالفقار علي سولنگي، قادر ڪنڀر، رياض حسين جمالي، اشرف عطار، رميز سولنگي، احسان رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سکر ، گمبٽ ۾ قمرالدين شيخ، آصف علي ڪلهوڙو، فياض حسين رتڙ جي اڳواڻي ۾، صالح پٽ ۾علي گوهر بهڻ, جنرل سيڪريٽري منير احمد مهر, جنرل سيڪريٽري پريس ڪلب نريش ڪمار, غلام حسين ڀنڀرو, عبدالله مهر, رانجهن شنباڻي, اسلم مهر,غلام سرور ڀنڀرو, رحيم بخش مهر ، ڀان سيدآباد ۾ آصف علي ميمڻ، ذوالفقار مينگل، آدم مينگل، مظفر علي کوکر، عاشق مينگل، راشد کوکر، صفر خشڪ، ٿاڻو بولا خان سھيل يوسف ميمڻ، غلام مصطفي ميمڻ، امتياز مڱڻھار، پرويز ميمڻ، سرور خاصخيلي، اياز سنڌي، حاجي شوڪت خاصخيلي، گاگن داس ڪوھستاني، محب خاصخيلي، شھباز عمراڻي، راشد مڱڻھار فيض پرويز ،گھنشام داس سامناڻي، ڀرياسٽي ۾ آفتاب ڪيريو، نديم منگي، يوسف ابراھيم سومرو، رانا رياض الحسن، عقيل خانزادو، پڊعيدن ۾ عبدالقيوم راڄپر، ساجد جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.