باڊھه ( ن پ ا ) ڳوٺ گابر مسڻ ۾ راند کيڏندي 4 ورهين جو علي حيدر پٽ علي شير مسڻ پاڻي واري کڏ ۾ ڪري پيو، جنهن کي ڳوٺاڻن پاڻي مان ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر پاران ٻارڙو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. واضع رهي ته باڊھه شھر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ آبادين جي ويجهو ڪيترائي مڇيءَ جا تلاءَ ۽ نيڪال جي گندي پاڻي جون کڏون موجود آھن جن ۾ هر سال ڪيترائي ٻارڙا ٻڏڻ سبب پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آھن پر انتظاميا هن وقت تائين ڪو به تحرڪ ناهي ورتو.