بابر اعظم ۽ محمد رضوان سان سٽي باز ڪمپنين جو رابطو، ڪروڙين رپين جي آڇ ٿڏي ڇڏي

0
287
بابر اعظم ۽ محمد رضوان سان سٽي باز ڪمپنين جو رابطو، ڪروڙين رپين جي آڇ ٿڏي ڇڏي
بابر اعظم ۽ محمد رضوان سان سٽي باز ڪمپنين جو رابطو، ڪروڙين رپين جي آڇ ٿڏي ڇڏي

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) بابر اعظم ۽ محمد رضوان سٽي باز ڪمپنين جي ڪروڙين رُپين جي آڇ ٿڏي ڇڏي

دي نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ سٽي باز ڪمپينن جي ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته بابر اعظم 250 ملين رُپين جي سالياني ڪانٽريڪٽ کان انڪار ڪيو جڏهن ته محمد رضوان رڳو هو سروگيٽ بيٽنگ ڪمپني جي سئو ملين رُپين جي سالياني معاهدي کان انڪار ڪيو ڇو ته اهڙي قسم جي اسپانسرشپس ۽ معاهدا قانون جي خلاف آهن

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز  ملتان سلطان جي ڪپتان محمد رضوان گذريل ٽورنامينٽ دوران پنهنجي ڪِٽ تي ڊبليو او ايل ايف جو لوگو لڳائڻ کان انڪارڪري ڇڏيو هو. ون ايڪس بيٽ سٽي باز ڪمپني طرفان بابر اعظم ڏانهن اُماڻيل اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني رانديگرن جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم مان تمام گهڻو متاثر ٿي آهي ۽ انهن سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي

دي نيوز موجب، اهڙي قسم جي آڇ جي جواب ۾ بابراعظم جي انفرادي اسپانسر شپس جي ذميواري سايا ڪارپوريشن جواب ۾ چيو ته اوهان جي مهرباني پر مسلمان طور اسان ڪنهن به سٽي باز يا سروگيٽ بيٽنگ برانڊز جي حمايت نٿا ڪري سگهون. دي نيوز وٽ اِها اي ميل پڻ موجود آهي

اهڙي ئي قسم جي آڇ محمد رضوان کي به ڪئي وئي هئي پر هن به آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ذريعن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته پي سي بي بابراعظم ۽ محمد رضوان جا اميج رائٽس سندس مرضي جي خلاف سٽي باز ڪمپنين کي ڏنا