بدامني ۾ غيرقانوني پرڏيهي ملوث، افغان اڳواڻن جون ڌمڪيون افسوسناڪ آهن: وزيراعظم

0
191

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته افغان اڳواڻن جي ڌمڪين وارا بيان افسوسناڪ آهن، افغان اڳواڻن جي ڌمڪين وارا بيان افسوسناڪ آهن، پاڪستان ۾ بدامني ۾ غيرقانوني ترسيل پرڏيهي شهري ملوث آهن

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته افغانستان پاڪستان جو پنجون صوبو نه پر الڳ ملڪ آهي، جڏهن به افغانستان تي مصيبت آئي ته پاڪستان مدد ڪئي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته  40 لک افغان  شهرين جي ميزباني ڪئي: ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو، افغان اڳواڻن جون ڌمڪيون افسوسناڪ آهن

هن چيو ته پاڪستان ۾ بدامني ۾ غيرقانوني پرڏيهي شهري ملوث آهن، دهشتگردن خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙن کي نه ڇڏينداسين

هن چيو ته بدقسمتي سان افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کانپوءِ دهشتگردي ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، 2 سالن ۾ سرحد پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستاني سيڪيورٽي سان وڙهندي 64 افغان دهشتگرد مارجي ويا

No country to call home: Afghan refugees bear brunt of Pakistan's (in)security - Pakistan - DAWN.COM

اهڙين مسئلن کي ميڊيا آڏو آڻڻ کانسواءِ گڏيل مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر جڏهن افغان حڪومت طرفان ڪو مثبت جواب نه آيو ته پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغان اڳواڻن جي تازن بيانن کانپوءِ حملن ۾ تيزي اچڻ معنيٰ خيز آهي، افغان شهرين کي عزت ۽ احترام سان واپس موڪليو وڃي

پاڪستان تي ڪنهن به ملڪ جو دٻاءُ ناهي، افغان اڳواڻن جا ڌمڪيون ڏيندڙ بيان افسوسناڪ آهن، افغانستان جي عبوري حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻئي آزاد ملڪ آهن

وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته پارا چنار ۾ سرحد پار آپريشن بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته هن ان حوالي سان صوبائي حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، ڪنهن کي به هڪ انچ به حصي تي ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي

افغان سرزمين ۾ ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائين بابت سوال تي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندي، اهو سندن حق ۾ آهي ۽ اسان جي به حق ۾ آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان وٽ 25 هزار افغانين جو ڊيٽا موجود آهي جيڪي افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آيا، اسان انهن ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ به تيار آهيون

هي به پڙهندا

افغان ڀائر واپس وڃن ته ويچارا ڇا تي وڃن؟ آصف زرداري