ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 450 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي. لاڙڪاڻي ۾ في تولي جي قيمت 450 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 98 هزار 800 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي هڪ لک 98 هزار 350 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 2240 رپيا تولو برقرار رهي.ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. ڪراچي جي مارڪيٽ ۽ لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ فرق 350 رپين جو فرق رهيو. ڪراچي ۾ سون جي قيمت 2 هزار رپيا تولو گهٽجي وئي ۽ في تولو هڪ لک 98 هزار رپين جو ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 8 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 849 ڊالر في اونس ٿي وئي.