ڪراچي(ڪامرس نيوز) ڪالهه ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي. ڊالر انٽربينڪ ۾ 54 پئسا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو سستو ٿي ويو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي اچي وئي. ڪالهه ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي، هڪ موقعي تي ڊالر 3 رپيا 46 پئسا سستو ٿيو پر پوءِ وري 2 رپيا 92 پئسن جي ڪريڪشن ٿي ۽ ڪاروبار ختم ٿيڻ تي ڊالر 54 پئسن جي گهٽتائي سان 277 رپيا 92 پئسا ٿي بند ٿيو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر پهرين ساڍا ٽي رپيا سستو ٿيو پر پوءِ وري ڪرڳڪشن بعد هڪ رپيو سستو ٿيو ۽ وڪري جي قيمت 281 رپيا رهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه تيزي رهي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 0.24 سيڪڙو اضافي سان 41 هزار 434 پوائنٽن تي بند ٿيو.