اڏيرولال (رپورٽر) اڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ بجلي جي غيراعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف واپاري تنظيم انجمن تاجران سميت شهر جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عدنان بهلم ، اقبال ساهووال، سڌير ساهووال ۽ حافظ خدابخش ڇٽو جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين پاران رئيس الهه بخش چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي واپڊا خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي انجمن تاجران ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته شهر سو سيڪڙو بلنگ ادا ڪري ٿو، تنهن باوجود به واپڊا مٽياري هتان جي واپارين کي ڀت سان لڳائڻ لاءِ غيراعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رکيو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن غيراعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه آندو ويو ته احتجاجي دائري کي وسيع ڪري سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائينداسين.