جوهي (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ ڪَنڊي ٻٻر ۾ 15 ڏينهن اڳ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيل نينگر مبارڪ ٻٻر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن ڊرگهه بالا پوليس خلاف ڌرڻو هنيو. مقتول نينگر جي وارثن ۽ سياسي، سماجي اڳواڻن سانوڻ خان ٻٻر، نينگر جي پيءُ جمن ٻٻر، ڪامريڊ قربان کوکر، نظام ٻٻر، يونس سولنگي، شاعر خليل عارف سومرو،سرائي حڪيم ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي ايس پي جوهي جي آفيس اڳيان 3 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته ايس ايچ او ڊرگهه بالا قاتلن کان ڳري رشوت وٺي نينگر مبارڪ ٻٻر جو خون لوڙهڻ چاهي ٿو، 15 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا. هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ايچ او ڊگهه بالا احتجاج ڪرڻ تي ڊگهه بالا مان جوهي اچي اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي، داٻا ۽ ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن چيو جوابدار آزاد گهمندي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. احتجاج ڪرڻ تان مقتول جي وارثن کي داٻا ڏيڻ واري خبر وڊيو سميت ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ايس ايچ او قتل ٿيل مبارڪ جي وارثن وٽ لڙي اچي معذرت ڪندي چيو ته مون کي 2 ٽي ڏينهن مهلت ڏيو، مان ڪيس جي مک جوابدار ۽ رهيل جوابدار گرفتار ڪندس. ايس ايچ او جي خاطري بعد مقتول جي وارثن 4 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن شهيد نينگر مبارڪ ٻٻر قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته ايس ايس پي دادو جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.