ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو قيصر گهوٽ لڳ ڳوٺ حبيب مري وٽ سئي ڪندر شاخ کي آر ڊي 82 وٽان 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب پاڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿي ويو ۽ پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن عبداللطيف بروهي، مشتاق ۽ ٻين دانهيو ته شاخ کي پهريان به گهارا لڳي چڪا آھن پر آبپاشي عملدار ڪو به ڌيان نه پيا ڏين، هنن چيو ته اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گهاري وري هنڌ ناهن پهتا، هوڏانهن ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 4 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ گهاري کي بند ڪري ورتو.