ٽنڊو ڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي تحقيق جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال بعد ڊي جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ملازمن سان ڳالهيون ڪيون مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري بعد بک هڙتال ختم. سنڌ زرعي تحقيق اداري جي ملازمن جي تنظيم سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪندي ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس آڏو ڪيمپ لڳائي مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال تي ويهي رهيا. جنهن بعد ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق نور محمد بلوچ ملازمن سان ڳالهين لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ تي پھچي ملازم اڳواڻن ملوڪ اڄڻ، شريف ڪاٺيو، اڪبر سولنگي ۽ ٻين سان ڳالھيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي ته ملازمن جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ سيڪريٽريٽ ۾ گڏجي ڪوششون ڪيون وينديون. ڪچن ملازمن جي پگھار وڌائي 9000 ڪئي وئي آھي ملازمن جي پگهار 25000 ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري کي پڻ لکيو ويندو. اھڙي قسم جي خاطري بعد ملازم اڳواڻن احتجاجي تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.