ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي، ميچ جون ڪُل ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن. پاڪستان تي وائٽ واش جي تلوار لٽڪيل آهي، هوڏانهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ڇڪن بابت هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بائونڊريز خاص طور ڇڪا تمام گهڻا لڳي رهيا آهن تنهنڪري تماشائي ميچ دوران بال تي نظر رکن.ڪيوي بيٽر فِن ايلن ڊينڊن ۾ 16 ڇڪا هنيا انڪري هاڻي مداحن کي اسٽينڊز ۾ هوشيار رهڻو پوندو، بال نظر رکن ته متان کين بال نه لڳي وڃي.