بئنگلور ( اسپورٽس نيوز ) افغانستان خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ڪاميابين جي لحاظ کان بابر اعظم کي پوئتي ڇڏي ڏنو. گذريل ڏينهن بئنگلور جي ايم چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت سخت مقابلي کانپوءِ افغان ٽيم کي شڪست ڏني. مختصر ترين فارميٽ ۾ ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندڙن جي فهرست ۾ چار ڪپتان نمايان آهن. افغانستان جو اڳوڻو ڪپتان اصغر افغان 52 ميچن ۾ 42 ڪاميابين سان پهرين نمبر تي آهي، ٻئي نمبر تي روهت شرما آهي جنهن 54 ميچن ڪپتاني ڪئي ۽ سندس قيادت ۾ ڀارت 42 مقابلن ۾ فاتح رهيو، فهرست ۾ ٽيون نمبر اڳوڻي پاڪستان ڪپتان بابر اعظم جو آهي جنهن 71 ميچن ۾ گرين شرٽس جي ڪپتاني ڪئي ۽ 42 ۾ فتح حاصل ڪئي. اڳوڻي ڪپتان آئن مورگن 72 ميچن ۾ انگلش ٽيم جي قائد جا فرض انجام ڏنا ۽ 42 مقابلن ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي هو ان فهرست ۾ چوٿين نمبر تي موجود آهي.