حقيقي زندگي ۾ ڊرامن وارا ڪم ڪريان ته گھران ڪڍيو ويندو: عائزا خان

0
76

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا عائزا خان چيو آهي ته جيڪڏهن هوءَ حقيقي زندگي ۾ به ڊرامن وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته کيس گھر مان ئي ڪڍيو ويندو

عائزا خان جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ حقيقي زندگي ۽ پنهنجي اداڪاري بابت ڳالهائي نظر اچي رهي آهي. اداڪارا کان پڇيو ويو ته هوءَ ڊرامن جيان حقيقيق زندگي ۾ به ايئن ئي آهي؟ جنهن تي اداڪارا وضاحت ڪئي ته سندس حقيقي زندگي ڊرامن کان مختلف آهي

عائزا خان چيو ته هن جيئن ڊرامي ۾ مبشرا نالي جو ڪردار ادا ڪيو، حقيقي زندگي ۾ هوءَ ايئن نه آهي ۽ جيڪڏهن ايئن هوندي ته کيس گھر مان ڪڍيو ويندو. سندس چوڻ هو ته هن جي حقيقي زندگي ڊرامن کان مختلف آهي، پر اداڪارا طور هوءَ ڪوشش ڪندي آهي ته هوءَ اهڙي اداڪاري ڪري جو ڏسندڙن کي هوءَ حقيقي لڳي